سر ڪائوسجي جهانگير-1 CSI

سر ڪائوسجي جهانگير-1 CSI

سر ڪائوسجي جهانگير1 CSI

سر ڪائوسجي جهانگير-1 (CSI): سر ڪائوسجي جهانگير، پارسي برادريءَ جو هڪ اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جنهن 1812ع ڌاري ممبئيءَ ۾ جنم ورتو. سندس وڏا ارڙهين صديءَ ۾ سورت کان لڏي بمبئي آيا هئا. اصل ۾ سندس ابا ڏاڏا ايران کان آيا هئا ۽ زردتشت جا پيرورڪار هئا. ڪائوسجي جهانگير سخي، عوام دوست ۽ خير جي ڪمن ۾ اڳڀرو، وڏو صنعتڪار ۽ واپاري هو. هن صنعت ۽ واپار ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو. سر ڪائوسجي جهانگير 1866ع ۾ بمبئيءَ جي انڪم ٽيڪس ڪمشنر طور به ڪم ڪيو. هن جي خـيـر ۽ ڀلائيءَ وارن ڪمن، اسپتالن، اسڪولن ۽ چرين جي علاج لاءِ اسپتالن کولائڻ وغيره جي ڪري 1871ع ۾ کيس CSI (Companion of the most exalted order of the Star of India) جو خطاب مليو ۽ 1872ع ۾ هن کي ’سر‘ (Night Bachelor) جو لقب پڻ ڏنو ويو. هن عيسائين جي ديولن جي تعمير ۾ پڻ مدد ڪئي ۽ هن بمبئيءَ ۾ اڪيلائيءَ جي شڪار ماڻهن لاءِ آرام گهر ٺهرايا. هن جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان وڏو لاڳاپو رهيو ۽ هن اتي گلبرٽ اسڪاٽ (Gilbert Scott) جي نگرانيءَ هيٺ ڪنووڪيشن هال پڻ جوڙايو. سر ڪائوسجي جهانگير، بمبئي يونيورسٽي، سينيٽ ۽ سول انجنيئرنگ ڪائونسل جو ميمبر به هو. کيس انگريز سرڪار ’جسٽس آف پيس‘ (Justice of Peace) به مقرر ڪيو هو. هن حيدرآباد، سنڌ ۾ چرين جي اسپتال ٺاهڻ ۾ وڏي مالي مدد ۽ سهڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جو متو انسانيت جي خدمت ڪرڻ هو. هو ذات پات ۽ رنگ نسل کان مٿڀرو ٿي، انسان ذات جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هن لنڊن جي ليجنڊ پارڪ ۾ هڪ ڦوهارو نسب ڪرايو. ان کانسواءِ يونيورسٽي آف ايڊنبرگ ۾ مجسمو (Bust) پڻ موجود آهي، پر اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته ڄاڻايل يونيورسٽيءَ لاءِ سندس ڪهڙيون خدمتون هيون. حيدرآباد، سنڌ ۾ قائم ڪيل چرين جي اسپتال کي سندس نالي سان ’سر ڪائوسجي مينٽل هاسپيٽل‘ سڏيو ويندو آهي.
سر ڪائوسجي 1878ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات واري ڏينهن کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو پڻ ڪائوسجي جهانگير رکيو ويو، جيڪو پڻ بمبئيءَ جي پارسي برادريءَ جو اهم اڳواڻ گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو